عباس علي خان ٽالپر جي قبر

عباس علي خان ٽالپر جي قبر

عباس علي خان ٽالپر جي قبر

عباس علي خان ٽالپر جي قبر: ٽالپر حڪمران گهراڻي سان تعلق رکندڙ خان ٽالپر جي قبر'>عباس علي خان ٽالپر جي قبر حيدرآباد جي هيرآباد واري علائقي ۾ ‘ميرن جا قبا’ قبرستان ۾ آهي. عباس علي خان ٽالپر حڪمران مير نصير علي خان جو پٽ هو، جيڪو سندربن ٻيلي هندستان ۾ شينهن جو شڪار ڪندي فوت ٿي ويو هو. سندس لاش حيدرآباد کڻائي انهيءَ هنڌ تي دفن ڪيو ويو. قبر کي پٿرائن ڄارين سان لوڙهو ڦريل آهي. جيئن ته هي ٻه قبرون آهن. پر هر هڪ جي قبر الڳ الڳ پٿرائين ٿلهي تي ٺهيل آهي. قبر تي اڪير ٿيل آهي. قبر مستطيل نموني جي آهي. قبر تي مهڙ ۽ پويان ٻه ٻه جنڊا، جڏهن ته پاسن کان چار چار جنڊا ڏنا ويا آهن. قبر تي قرآني آيتن جي اڪير ٿيل آهي. الهندي پاسي، جتي مير خدايار خان جي قبر آهي، ان جي پويان مير عباس علي خان (ثانيءَ) جي قبر آهي، جنهن تي هيٺيون ڪتبو لڳل آهي:
وفات حسرت آيات
مرحوم مغفور مير عباس علي خان (ثاني) ولد مير خدايار خان ٽالپور
21 ربيع الاول سن 1356هه/ 1 جون 1973ع


لفظ عباس علي خان ٽالپر جي قبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو